انڙ محمد ملوڪ

انڙ محمد ملوڪ

محمد ملوڪ انڙ

محمد ملوڪ انڙ : نامور ليکڪ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم 1951ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ راهب شاهه مان ورتائين. ساڳئي اسڪول مان قرآن مجيد، انگريزيءَ جا ٽي درجا ۽ 1960ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. 1965ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’طارق لائبريري‘ قائم ڪيائين، جنهن ۾ اٽڪل 12 هزار ڪتاب، اخبارون، رسالا، قلمي نسخا، ناياب تصويرون، ثقافت ۽ آرٽ جون مختلف شيون ۽ نوادرات پڻ موجود آهن. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. مخدوم بلاول شهيد ويلفيئر ائسوسيشن جو باني چيئرمئن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو ميمبر ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن طرفان ٻه ڀيرا ستاره سماج گولڊ ميڊل، قائد اعظم محمد علي جناح اوارڊ، صحافي محرم ڀٽي اوارڊ، شڪيل پٺاڻ اوارڊ، قاضي سرفراز اوارڊ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) منهنجي يادن جون ريکائون (مضمون)، (2) سنيها سرير ۾ (خط) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

23.08.1946  عيسوي

نامور ليکڪ ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد ( نوابشاهه ) ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيرو رسول بخش
پير مظهرالحق
ثريا ملتانيڪر
جلال الدين سنڌي
پليجو عبدالحئي
باغ محمد بيشڪ جوکيو
شفقت چيما
نواز علي نياز جعفري
امداد الله انڙ
اَمانت گل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون